فقيرعلي گل جلالاڻي صوفي

فقيرعلي گل جلالاڻي صوفي: فقير علي گل صوفي، ڳوٺ نصير فقير جلالاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي خيرپور ۾ 1910ع ڌاري سنڌ جي ڪامل ولي الله نصير فقير جلالاڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. فارسيءَ جو سٺو ڄاڻو هو. ننڍپڻ کان فقيري صحبت ملڻ سبب حق جو ڳولائو رهيو. ڪيترائي چلا ڪاٽيائين. هيءُ حضرت شاهه عنايت شهيدرح جهوڪ واري جو مُريد هو ۽ سال ۾ ٻه دفعا جهوڪ ويندو هو. ڪيترائي سال جهوڪ ۾ وڃي رهيو، سندس مريد به هوندا هئا. هيءُ آخري وقت ۾ بيمار ٿي پيو ۽ 1985ع ۾ وفات ڪيائين، سندس مدفن والد جي ڀرسان نصير فقير جلالاڻي ڳوٺ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو